Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:7 - Sindhi Bible

7 تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي پسند ڪيو، ۽ جنهن کي تو ڪسدين جي اور مان ڪڍي آندو، ۽ انهيءَ کي ابرهام جو نالو ڏنو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تون ئي خداوند خدا آهين، جنهن ابرام کي چونڊي بابل ملڪ جي اُور شهر مان ڪڍي آندو، ۽ سندس نالو ابراهيم رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.


۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.


اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابرهام سڏبو؛ ڇالاءِ جو مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.


تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ