Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:4 - Sindhi Bible

4 تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن کان پوءِ لاوين مان يشوع، باني، قدمي‌ايل، سبنياہ، بني، سريبياہ، باني ۽ ڪنعاني منبر تي بيهي خداوند پنهنجي خدا کي وڏي آواز سان ٻاڏائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني قهات ۽ بني قورح مان لاوي خداوند، اسرائيل جي خدا جي تمام وڏي سڏ تعريف ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا.


انهن کانسواءِ لاوي: يشوع، بنوي، قدمي ايل، سيربياہ، يهوداہ، متنياہ، جو پنهنجن ڀائرن سميت، شڪرگذاريءَ جي عبادت جي مٿان هو.


انهيءَ کانپوءِ لاوين مان رحوم بن باني مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ حسبياہ، جو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان مرمت ڪئي.


۽ عزرا اُستاد ڪاٺ جي هڪڙي منبر تي اُٿي بيٺو، جو انهيءَ ڪم لاءِ هنن جوڙيو هو؛ ۽ اُن جي پاسي ۾، سڄي پاسي، متتياہ، ۽ سمع، ۽ عناياہ، ۽ اورياہ، ۽ خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا؛ ۽ کٻي پاسي، فداياہ، ۽ مساايل، ۽ ملڪياہ، ۽ حاشوم، ۽ حسبدانہ، زڪرياہ، ۽ مسلام بيٺا.


۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا.


تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.


اي خداوند مون توکي اونهائين منجهان پڪاريو آهي.


مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.


آءٌ بلند آواز سان خدا جي حضور فرياد ڪندس؛ يعني خدا جي حضور ۾ پڪاريندس، ۽ هو مون ڏانهن ڪن ڏيندو.


هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.


ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.


۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ