Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:35 - Sindhi Bible

35 ڇالاءِ جو هنن پنهنجيءَ بادشاهت ۾، ۽ جيڪو وڏو احسان تو هنن سان ڪيو، ۽ جا وڏي ۽ پيدائش واري زمين تو هنن کي ڏني، تنهن هوندي بہ هنن تنهنجي عبادت نہ ڪئي، ۽ نہ هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان باز آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 توڙي جو تنهنجي ڀلائيءَ سان کين بادشاهت ملي، جتي تنهنجي عطا ڪيل ڪشادي ۽ زرخيز زمين تي هنن مزا پئي ماڻيا، تہ بہ هنن نڪي تنهنجي عبادت ڪئي، ۽ نہ وري هو پنهنجن بڇڙن ڪمن کان ئي باز آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:35
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني.


آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن.


ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ