نحمياہ 9:34 - Sindhi Bible34 نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible34 اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.