Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:33 - Sindhi Bible

33 انهيءَ هوندي بہ جيڪي اسان تي آيو آهي، تنهن جي ڪري تون انصاف وارو آهين؛ ڇالاءِ جو تون سچائيءَ سان هليو آهين، پر اسان بڇڙا ڪم ڪيا آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:33
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


نڪي اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، اسانجن ڪاهنن، نڪي اسانجن ابن ڏاڏن، تنهنجي شريعت تي عمل ڪيو آهي، ۽ نہ تنهنجا حڪم، ۽ تنهنجون شاهديون ٻڌيون اٿن، جن سان تو هنن جي برخلاف شاهدي ڏني.


۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.


هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:


ڇالاءِ جو هن کي ڪنهن ماڻهوءَ جي نسبت ۾ انهيءَ لاءِ وڌيڪ ويچار ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونهي. تہ هو عدالت جي لاءِ خدا جي اڳيان وڃي.


اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا آهن، اسان خطا ڪئي آهي، ۽ بڇڙائي ڪئي اٿئون.


ص اي خداوند تون صادق آهين، ۽ تنهنجا فيصلا سچا آهن:


خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ راستباز آهي، ۽ پنهنجين سڀني ڪمن ۾ رحيم آهي.


پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ ويو ۽ چيائين تہ، افسوس، هنن ماڻهن هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ سون جا معبود جوڙيا اٿن.


اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟


تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.


خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.


۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ