Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:32 - Sindhi Bible

32 تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:32
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ اي خداوند، اي اسرائيل جا خدا، مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو خدا ڪونهي، تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو، جي پنهنجي ساريءَ دل سان تنهنجي اڳيان هلن ٿا:


اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


نيٺ خداوند اسرائيل کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ هن پنهنجن سڀني ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو. انهيءَ طرح اسرائيلي پنهنجي ملڪ مان کڄي اسور ۾ آيا، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


انهيءَ تي اسور جو بادشاهہ سلمنسر چڙهي آيو؛ ۽ هوسيع انهيءَ جو ٻانهو ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي لاءِ نذرانا آندائين.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.


۽ باقي ٻين انهن قومن، جن کي عالي جناب معزز اسنفر آڻي سامريہ جي شهر ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري باقي ملڪ ۾، ۽ ٻين هنڌن تي ويهاريو هو.


تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.


۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،


۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:


ڇالاءِ جو خداوند تعاليٰ هيبتناڪ آهي؛ هو ساري زمين جو شهنشاهہ آهي.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


اچو ۽ خدا جا ڪم ڏسو؛ بني آدم جي حق ۾ سندس ڪم هيبتناڪ آهن.


۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛


۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو.


اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين منهنجو حڪم نہ مڃيندا، تہ آءٌ اوهان کي اوهان جي گناهن جي عيوض ستوڻي سزا ڏيندس.


۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي برخلاف هلندا، ۽ منهنجي نہ ٻڌندا؛ تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري اوهان تي ستوڻيون آفتون آڻيندس.


تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:


۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو.


تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.


تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ