Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:30 - Sindhi Bible

30 انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:30
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:


۽ خداوند پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو، تہ


انهيءَ هوندي بہ هن انهن ڏي نبي موڪليا تہ کين خداوند ڏانهن موٽائي آڻين؛ ۽ هنن انهن جي گهڻي ملامت ڪئي: پر انهن ڪن ڪونہ ڏنو.


۽ هاڻي، اي اسان جا خدا، هن کانپوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇالاءِ جو اسان تنهنجا حڪم ڇڏي ڏنا آهن،


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


چاليهن ورهين تائين آءٌ اُنهيءَ پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، تڏهن مون چيو تہ هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجين دلين ۾ گمراهہ ٿا ٿين، ۽ انهن منهنجين واٽن کي نہ سمجهيو آهي:


ڇالاءِ جو حڪم تي حڪم، حڪم تي حڪم آهي، قانون تي قانون، قانون تي قانون آهي؛ ٿورو هِتي، ٿورو هُتي.


ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.


پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان.


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛


جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏيئي پنهنجي شرارت کان باز آيا، ۽ نہ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ ڇڏيائون.


جنهن ڏينهن کان اوهان جا ابا ڏاڏا مصر جي زمين مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، مون پنهنجا سڀ ٻانها ۽ نبي، ڏهاڙي سويل صبح جو اُٿي اوهان ڏي پئي موڪليا آهن:


خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.


۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو.


هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛


پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا.


۽ اٽڪل چاليهن ورهين جي مدت تائين رڻ پٽ ۾ سندن ڪمن جي برداشت ڪيائين.


۽ هو پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، پر تنهن کان اڳي پولس هيءَ هڪڙي ڳالهہ چين، تہ پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو،


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


خداوند پنهنجي واعدي ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جيئن ڪي ماڻهو دير جو مطلب ٿا سمجهن؛ پر هو اوهان جي نسبت ۾ گهڻو تحمل ٿو ڪري، جو سندس مرضي نہ آهي تہ ڪوبہ برباد ٿئي، پر چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ