نحمياہ 9:29 - Sindhi Bible29 ۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible29 جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.