Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:28 - Sindhi Bible

28 پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پر جيئن ئي هنن کي آرام مليو، تيئن ئي هنن وري بہ اُهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي تنهنجي نظر ۾ بُرا هئا. تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن مٿن حڪمراني ڪئي. وري جڏهن هنن تو کي ٻاڏايو، تڏهن تو انهن جون دانهون عرش عظيم مان ورنايون. ائين بار بار تو هنن کي پنهنجي وڏيءَ ٻاجھہ سان ڇڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ اُهو ٻڌج، ۽ معافي ڏج، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو توکي اُنهن جي دل جي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون ئي ساري بني آدم جي دلين کي ڄاڻين ٿو؛)


۽ انهن جي دشمنن کين ستايو، ۽ هو انهن جا تابعدار ٿيا.


۽ اسان جي دشمنن کان اسان کي ڇڏايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن اُهو قاضي مري ويو تڏهن، وري هو ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪرڻ لڳا، جو ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت ڪرڻ، ۽ انهن کي سجدو ڏيڻ لڳا؛ پنهنجن انهن ڪمن کان، توڙي پنهنجي خراب رستي کان باز نہ آيا.


انهيءَ طرح موآب انهيءَ ڏينهن اسرائيل جي قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کي اسي ورهيہ آرام مليو.


۽ اهود جي وفات ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


اي خداوند، ڀلي تہ تنهنجا سڀ دشمن انهيءَ طرح ناس ٿي وڃن: پر جيڪي هن کي پيار ٿا ڪن، سي ڀلي تہ سج وانگر هجن، جڏهن اُهو زور سان نڪرندو آهي، ۽ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ