Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:26 - Sindhi Bible

26 انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:26
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي:


جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي قتل ڪيو تڏهن منهنجي ڌڻيءَ کي اهو ٻڌايو نہ ويو هو ڇا تہ مون ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو، ۽ اُنهن کي ماني کارائي ۽ پاڻي پياريو؟


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ خداوند پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو، تہ


يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ هي ڪراهت ۽ شرارت جهڙا ڪم ڪيا آهن، جي سڀني امورين جي ڪمن کان بہ وڌيڪ آهن، جي کانئس اڳي هئا ۽ يهوداہ کي بہ پنهنجن بتن سان گنهگار ڪرايو آهي:


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


هائو، جڏهن هنن پنهنجي لاءِ پلٽيل گابو جوڙيو، ۽ چوڻ لڳا تہ اهو اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ وڏا ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون؛


۽ کين خبردار ڪيو، تہ تون کين پنهنجي شريعت ڏانهن موٽائي آڻين: انهيءَ هوندي بہ هو مغروريءَ سان هليا، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون پر تنهنجن فيصلن جي برخلاف گناهہ ڪيائون، (جن تي جيڪڏهن انسان تعميل ڪري تہ اُنهن جي ڪري جيئندو رهي)، ۽ هنن پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ ٻڌڻ نہ گهريائون.


انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:


اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.


اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي.


پر اُهو اولاد بہ مون کان باغي ٿيو؛ ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري انهن تي عمل ڪيائون، جن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو عمل ڪري تہ جيڪر جيئندو رهي: هنن منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيو، تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ بيابان ۾ پنهنجو غصو هنن تي پورو ڪريان.


۽ انهن آبادگارن سندس نوڪرن کي جهلي هڪڙي کي مار ڏنائون، ۽ ٻئي کي قتل ڪيائون ۽ ٽئين کي سنگسار ڪيائون.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ