Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:24 - Sindhi Bible

24 تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.


۽ يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي ترار جي ڌار سان، ۽ ڪوس ڪرڻ سان ماري مات ڪيو، ۽ جن جي ساڻن دشمني هئي، تن کي جيئن وڻين تيئن ڪيائون.


پر اوهان جا ٻار جن جي نسبت ۾ اوهان چيو تہ اهي پڪڙجي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس، ۽ اهي انهي ملڪ جو قدر ڄاڻندا، جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.


۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


عجلون جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جزر جو بادشاهہ، هڪڙو؛


ترضہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ ڪل ايڪٽيهہ بادشاهہ هئا.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا.


ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.


انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ