۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو،
اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.
اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛
ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن.