Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن بہ تو پنهنجي نهايت گهڻي رحم جي ڪري، هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو: اهو ڪڪر جو ٿنڀو ڏينهن جو هنن کي رستي ڏيکارڻ کان ڇڏي هليو نہ ويو؛ نڪي باهہ جو ٿنڀو جنهن رستي تي هنن کي هلڻو هو، تنهن جي ڏيکارڻ ۽ روشنائي ڪرڻ کان هنن کي ڇڏي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ تون انهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ سان وٺي هلئين؛ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ سان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تي اُنهن کي هلڻو هجي، انهيءَ تي هنن کي روشنائي ڏين.


تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.


پوءِ بہ پنهنجي بي انداز رحمت سان تو هنن کي اصل نيست نابود نہ ڪري ڇڏيو، نڪي هنن کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


جڏهن ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ اڳتي وڌندا هئا،


ڇالاءِ تہ اسرائيل جي سڄي گهراڻي جي سامهون، سندن مسافري ۾، ڏينهن جو خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو، ۽ رات جو انهيءَ ۾ باهہ رهندي هئي.


اي يعقوب، اي اسرائيل، اهي ڳالهيون ياد رک؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو بندو آهين: مون توکي جوڙيو آهي؛ تون منهنجو بندو آهين: اي اسرائيل آءٌ توکي ڀلجي نہ ويندس.


اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


انهي هوندي بہ منهنجي اک هنن کي ناس ڪرڻ کان ڇڏي ڏنو ۽ مون بيابان ۾ سندن اصل پڄاڻي ڪري نہ ڇڏي.


انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


اي منهنجا خدا، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ؛ پنهنجون اکيون پَٽي اسان جون ويرانيون، ۽ جيڪو شهر تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي، سو ڏس: ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پنهنجا عرض پنهنجين راستبازين ڪري نٿا پيش ڪريون، پر تنهنجي وڏي رحمت ڪري؛


خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو.


۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين.


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ