Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 9:11 - Sindhi Bible

11 ۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 9:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون.


هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين.


خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.


جنهن مصر جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين، اسرائيل منجهہ توڙي ٻين ماڻهن منجهہ نشانيون ۽ عجيب غريب ڳالهيون مقرر ڪيون؛ ۽ پنهنجي لاءِ نالو ڪڍيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛


اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا،


ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.


۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ