Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:7 - Sindhi Bible

7 ۽ يشوع، ۽ باني، ۽ سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان، فلاياہ، ۽ لاوين بہ ماڻهن کي شريعت جي سمجهاڻي ڏني: ۽ ماڻهو پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن ماڻهو وري اُٿي بيٺا، تڏهن يشوع، باني، سربياہ، يامن، عقوب، سبتي، هودياہ، معسياہ، قليطا، عزرياہ، يوزبد، حنان ۽ فلاياہ جيڪي لاوي هئا، تن بہ عزرا کان پوءِ ماڻهن کي شريعت جي سمجھاڻي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن هيڏي هوڏي ڦيرائي اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي دعا ڪئي: ۽ اسرائيل جي ساري جماعت اُنهيءَ مهل اُٿي بيهي رهي.


۽ اهي سڀيئي لاوي جي خداوند جي عبادت ۾ ماهر هئا، تن سان حزقياہ دلاسو ڏيئي ڳالهايو. تن عيد جا ست ئي ڏينهن کاڄ کاڌا، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا شڪرانا بجا آندائون.


۽ لاوين، جن ساري اسرائيل کي تعليم ٿي ڏني ۽ جي خداوند جي لاءِ پاڪ هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪو گهر سليمان بن دائود، اسرائيل جي بادشاهہ جوڙايو، تنهن ۾ پاڪ صندوق وڃي رکو: اڳتي وري اوهانجن ڪلهن تي بار ڪونہ پوندو: هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ ان جي قوم اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.


۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛


۽ سبتي ۽ يوزباد، اِهي لاوين جي سردارن مان هئا، جي خدا جي گهر جي ٻاهرين ڪم ڪار تي نظر ڪندا هئا؛


تنهن کانسواءِ، دربان، عقوب، طلمون ۽ انهن جا ڀائر، جي درن جي نگهباني ڪندا هئا، سي هڪ سؤ ٻاهتر هئا.


انهيءَ کانپوءِ لاوين مان رحوم بن باني مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ حسبياہ، جو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان مرمت ڪئي.


۽ انهيءَ جي پاسي کان عيزر بن يشوع، مصفاہ جي حاڪم، ٻئي ڀاڱي جي مرمت ڪئي، جو ڀت جي در وٽ سلاح خاني جي چاڙهيءَ جي سامهون هو.


انهن کانپوءِ بنيمين ۽ حسوب پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. انهن کانپوءِ عزرياہ بن معسياہ، بن عننياہ پنهنجي گهر جي پاسي سان مرمت ڪئي.


۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.


۽ عزرا اُستاد ڪاٺ جي هڪڙي منبر تي اُٿي بيٺو، جو انهيءَ ڪم لاءِ هنن جوڙيو هو؛ ۽ اُن جي پاسي ۾، سڄي پاسي، متتياہ، ۽ سمع، ۽ عناياہ، ۽ اورياہ، ۽ خلقياہ ۽ معسياہ بيٺا؛ ۽ کٻي پاسي، فداياہ، ۽ مساايل، ۽ ملڪياہ، ۽ حاشوم، ۽ حسبدانہ، زڪرياہ، ۽ مسلام بيٺا.


۽ عزرا، خداوند، عظيم خدا کي مبارڪ چيو، ۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي، پنهنجا هٿ مٿي کڻي چيو تہ آمين: پوءِ ڪنڌ جهڪائي زمين تي منهن رکي خداوند کي سجدو ڪيائون.


۽ اُنهن انهيءَ ڪتاب مان، يعني خدا جي شريعت مان، صاف آواز سان پڙهيو؛ ۽ اُنهن انهيءَ جو مطلب بيان ڪري ٻڌايو، جنهنڪري جيڪي پڙهيو ويو، سو هنن سمجهيو.


۽ هنن پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جو ڪتاب ڏينهن جي هڪڙي پهر تائين پڙهيو؛ ۽ ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ قبول ڪيا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪيائون.


تنهن کانپوءِ يشوع، ۽ باني، قدمي ايل، سبنياہ، بني، سربياہ، باني، ۽ ڪنعاني، لاوين جي ڏاڪڻ تي اُٿي بيٺا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان وڏي سڏ دانهون ڪيائون.


۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ