Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ عزرا ڪاهن ستين مهيني جي پهرين تاريخ سڄيءَ جماعت جي اڳيان، يعني مردن، توڙي زالن، ۽ جيڪي ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن عزرا سڀني ماڻهن، جن ۾ مرد، عورتون ۽ اهي ٻار شامل هئا جيڪي سمجھہ ڀريا هئا، تن جي اڳيان اهو شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛


روز بروز، پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين ڏينهن تائين، هو خدا جي شريعت جي ڪتاب مان پڙهندو هو. ۽ هنن ست ڏينهن برابر عيد ڪئي؛ ۽ اٺين ڏينهن، دستور موجب هنن هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.


۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا.


هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا.


هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.


۽ جڏهن هو پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي، تڏهن هيءَ شريعت، جا لاوي ڪاهنن جي ڪتاب ۾ هوندي، تنهن جو هڪڙي ڪتاب ۾ نقل ڪرائي پاڻ وٽ رکي:


۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ