Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن ماڻهو نڪري ويا ۽ اُهي کڻي آيا، ۽ پنهنجي لاءِ لانڍيون جوڙيائون، سڀني پنهنجن گهرن جي مٿان، ۽ پنهنجن ايوانن ۾، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾، ۽ پاڻيءَ واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي، ۽ افرائيم واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي لانڍيون جوڙيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 سو ماڻهو اوڏانهن ويا ۽ اهي سڀ ٽاريون آندائون، جن مان پنهنجن گھرن جي ڇتين تي، پنهنجن اڱڻن ۾، خدا جي گھر جي اڱڻن ۾ ۽ پاڻيءَ واري دروازي واري کُليل ميدان ۽ افرائيم واري دروازي واري کُليل ميدان وٽ پنهنجي لاءِ تنبو ٺاهيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


۽ اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يهوآس بن اخزياہ کي بيت شمس ۾ گرفتار ڪري يروشلم ۾ آيو، ۽ يروشلم جي ڀت افرائيم جي در کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڊاهي ڇڏيائين.


۽ يهوسفط يهوداہ ۽ يروشلم جي جماعت ۾، خداوند جي گهر منجهہ، نئين ايوان جي اڳيان اٿي بيٺو؛


۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي ساري لشڪر لاءِ قربانگاهون ٺهرايون.


۽ چشمي واري در جي ڀرسان، ۽ سڌو انهن جي اڳيان، هو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان ڀت جي چاڙهيءَ وٽ، دائود جي گهر جي مٿان، اُڀرندي ڏانهن پاڻيءَ واري دروازي تائين، چڙهي هليا ويا.


۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا.


(هاڻي نتينيم عوفل ۾، پاڻيءَ واري دروازي جي اُڀرندي ڏانهن آهن، ۽ ٺلهہ، جو نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون رهندا هئا.)


۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.


۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو.


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ