Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:15 - Sindhi Bible

15 ۽ پنهنجن سڀني شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾، اشتهار ڪن، ۽ پڌرائي ڪرائين، ۽ چون تہ نڪري جبل ڏانهن وڃو ۽ زيتون جون ٽاريون ۽ جهنگلي زيتون جون ٽاريون، ۽ مر جي وڻن جون ٽاريون، ۽ کجيءَ جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جون ٽاريون لانڍين جوڙڻ لاءِ آڻيو، جيئن ڪ لکيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ان کان علاوہ هي بہ تہ هو يروشلم ۽ پنهنجي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو اعلان ڪن تہ ”جابلو علائقي ڏانهن نڪري وڃو ۽ زيتون، چيل ۽ ٻين گھاٽن وڻن جون ٽاريون ۽ مينديءَ جي ٻوٽن جون ٽاريون ۽ کجيءَ جون ڇڙهيون تنبن ٺاهڻ لاءِ کڻي اچو، جيئن لکيل آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو ڪبوتر سانجهيءَ جو وري وٽس موٽي آيو؛ ۽ ڏسو، هن جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو: جنهن مان نوح سمجهيو تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي.


هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو.


۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو.


۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.


۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو،


تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ