Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:12 - Sindhi Bible

12 ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ سڀيئي ماڻهو هليا ويا ۽ وڃي کائڻ پيئڻ لڳا ۽ ٻين ڏانهن بہ ڪجھہ موڪليائون. هنن وڏو جشن ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي شريعت جو ڪتاب جيڪو کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجھي ورتو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو انهيءَ ڏينهن نهايت شادمان ٿيا، ۽ خداوند جي حضور کاڌائون پيتائون. ۽ ٻيو دفعو دائود جي پٽ سليمان کي بادشاهہ ڪري، ۽ خداوند جي طرفان پيشوا ڪري، ۽ صدوق کي ڪاهن ڪري مسح ڪيائون.


تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


تڏهن لاوين ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ صبر ڪريو، ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن پاڪ آهي؛ غمگين نہ ٿيو.


ٻئي ڏينهن سڄيءَ قوم جي ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ ڪاهن ۽ لاوي، عزرا استاد وٽ اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ شريعت جون ڳالهيون ڌيان ڏيئي ٻڌن.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي.


مون تنهنجين شاهدين کي هميشہ لاءِ پنهنجو ورثو ڪيو آهي؛ ڇو تہ اهي منهنجيءَ دل جي خوشي آهن.


تنهن ڪري آءٌ تنهنجن حڪمن کي، سون کان بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.


تنهنجي ڪلام جو مطالعو سوجهرو ٿو ڏئي؛ ۽ ڀورڙن کي سمجهہ ٿو بخشي.


مون کي تنهنجي شاهدين جي واٽ تي اهڙي خوشي ٿي آهي، جهڙي بيحد دولت جي ڪري ٿيندي آهي.


آءٌ تنهنجي قانونن کان خوش رهندس: ۽ تنهنجو ڪلام ڪين وساريندس.


شل منهنجي واتان تنهنجي تعريف ٿئي؛ ڇالاءِ جو تون مون کي پنهنجا قانون ٿو سيکارين.


اي خداوند آءٌ تنهنجيءَ نجات جو مشتاق آهيان؛ ۽ تنهنجيءَ شريعت ۾ منهنجي خوشي آهي.


تنهنجي وات جي شريعت مون لاءِ هزارن مهرن ۽ چانديءَ کان بهتر آهي.


م اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.


تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان.


تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟


ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم.


۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ