Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:10
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.


مان ۽ شان هن جي حضور ۾ آهن: قدرت ۽ خوشي سندس پاڪ مڪان ۾ آهن.


تڏهن لاوين ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ صبر ڪريو، ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن پاڪ آهي؛ غمگين نہ ٿيو.


۽ سڀ ماڻهو پنهنجي منهن هليا ويا، تہ وڃي کائن پيئن، ۽ ٻين کي ڪجهہ موڪلين، ۽ گهڻي خوشي ڪن، ڇالاءِ جو جيڪو ڪلام کين پڙهي ٻڌايو ويو هو، سو هنن سمجهيو هو.


تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


ڀلي تہ اسرائيل پنهنجي خالق ۾ خوش رهي: ۽ بني صيون پنهنجي بادشاهہ ۾ سرها ٿين.


ڇو جو تون انهن جي طاقت جو شان آهين: ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جو سڱ مٿي ٿيندو.


خوشيءَ واري دل چڱي دوا آهي: پر شڪستو روح هڏا سڪائي ڇڏي ٿو.


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


۽ هيءَ بہ تہ سڀڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي سڄي محنت جو فائدو حاصل ڪري، اها خدا جي ڏات آهي.


ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.


هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


تہ ڪهڙيءَ طرح مصيبت جي وڏيءَ آزمائش ۾ انهن جي خوشي وڌي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ غريبيءَ جي ڪري سندين سخاوت جي دولت تمام گهڻي ٿي ويئي.


جيتوڻيڪ آئون جسماني ڳالهين تي بہ اعتقاد رکي ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو جسماني ڳالهين تي اعتقاد رکڻ جو خيال ٿو ڪري، تہ آئون انهي کان زيادہ ڪري ٿو سگهان.


۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.


جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ