Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 8:1 - Sindhi Bible

1 ۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 8:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ خداوند جي گهر تائين چڙهي ويو، ۽ سڀ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ سڀ يروشلم جا رهاڪو، ۽ ڪاهن، ۽ نبي، ۽ سڀ ننڍا وڏا ماڻهو بہ ساڻس گڏجي ويا: ۽ جيڪو عهدنامي وارو ڪتاب خداوند جي گهر ۾ لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون هن اُنهن کي پڙهي ٻڌايون.


۽ خلقياہ ورندي ڏيئي شافان محرر کي چيو تہ مون خداوند جي گهر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اهو ڪتاب سافن کي ڏنو.


۽ بادشاهہ، ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو ۽ ڪاهن ۽ لاوي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، خداوند جي گهر ۾ ويا: ۽ جيڪو عهدنامي جو ڪتاب خداوند جي گهر مان لڌو هو، تنهن جون سڀ ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايائين.


هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،


ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.


هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي.


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.


۽ چشمي واري در جي ڀرسان، ۽ سڌو انهن جي اڳيان، هو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان ڀت جي چاڙهيءَ وٽ، دائود جي گهر جي مٿان، اُڀرندي ڏانهن پاڻيءَ واري دروازي تائين، چڙهي هليا ويا.


(هاڻي نتينيم عوفل ۾، پاڻيءَ واري دروازي جي اُڀرندي ڏانهن آهن، ۽ ٺلهہ، جو نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون رهندا هئا.)


تڏهن ماڻهو نڪري ويا ۽ اُهي کڻي آيا، ۽ پنهنجي لاءِ لانڍيون جوڙيائون، سڀني پنهنجن گهرن جي مٿان، ۽ پنهنجن ايوانن ۾، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾، ۽ پاڻيءَ واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي، ۽ افرائيم واري دروازي جي ڪشادي ميدان تي لانڍيون جوڙيون.


۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.


اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو.


هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


فقيهہ ۽ فريسي موسيٰ جي گاديءَ تي ويٺا آهن:


تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.


جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


تڏهن سڀ ماڻهو متفق ٿي اُٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان مان ڪوبہ پنهنجي تنبوءَ ۾ نہ ويندو، نڪي اسان مان ڪوبہ پنهنجي گهر ڏانهن منهن ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ