Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 7:65 - Sindhi Bible

65 ۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

65 يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 7:65
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حاڪم انهن کي چيو تہ اوهين متان تمام پاڪ شين مان کائو، جيستائين ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان اتي کڙو نہ ٿئي.


هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛


انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا.


ڪل جماعت جملي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هئي.


۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي لاءِ نذرانا ڏنا. ترشاتا، خزاني ۾ سون جا هڪ هزار درهم، پنجاهہ ٿالهيون، پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن جون پوشاڪون ڏنيون.


۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا.


۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.


انهي ۾ خمير گڏي نہ پچائين. مون اهو هنن کي پنهنجين باهہ سان ساڙيل قربانين مان سندن حصو ڏنو آهي؛ اهو گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ وانگر تمام پاڪ آهي.


۽ هن کي سينہ بند پاتائين: ۽ سينہ بند ۾ اُريم ۽ تميم بہ وڌائين.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ