64 انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا.
انهيءَ طرح سڀ اسرائيلي پيڙهين موجب شمار ڪيا ويا؛ ۽ ڏس، اُهي اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن؛ ۽ يهوداہ، پنهنجن گناهن ڪري قيد ٿي بابل ڏي کڄي ويو.
اي منهنجا خدا، انهن جي يادگيري ڪج، ڇالاءِ جو انهن ڪهانت کي، ۽ ڪاهنن جي، ۽ لاوين جي عهد اقرار کي ناپاڪ ڪيو آهي.
۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو:
۽ ڪاهنن مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي هڪڙي ڌيءَ پرڻي هئي ۽ انهن جي نالي پٺيان سڏبو هو.
۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي.
۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.