Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 7:3 - Sindhi Bible

3 ۽ مون هنن کي چيو تہ جيستائين اُس تيز نہ ٿئي، تيستائين يروشلم جا در نہ پٽجو؛ ۽ جيستائين هو پهري تي بيٺل هجن، تيستائين در بند رهن، ۽ انهن کي تاڙيون لڳل هجن: ۽ يروشلم جي رهاڪن مان پهري وارا مقرر ڪريو، جيئن سڀڪو پنهنجو پنهنجو پهرو ڏئي، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر جي سامهون هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مون ٻنهي کي چئي ڇڏيو تہ ”جيستائين سج نہ چڙهي اچي تيستائين يروشلم جا دروازا نہ کوليا وڃن. پهريدار پڻ تيستائين پهري تي بيٺا رهن جيستائين دروازن جا ڪڙا ۽ ڪلف کُليل آهن. اوهين يروشلم جي رهاڪن مان پڻ پهريدار مقرر ڪريو، جن مان ڪي چوڪين تي بيٺل هجن تہ ڪي پنهنجن گھرن جي سامهون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 7:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.


انهن کانپوءِ بنيمين ۽ حسوب پنهنجي گهر جي سامهون مرمت ڪئي. انهن کانپوءِ عزرياہ بن معسياہ، بن عننياہ پنهنجي گهر جي پاسي سان مرمت ڪئي.


تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حناني، ۽ قلعي جي حاڪم حننياہ کي يروشلم حوالي ڪري ڏنو: ڇالاءِ جو هو ايماندار ماڻهو هو ۽ گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ خدا ترس هو.


هاڻي شهر ڪشادو ۽ وڏو هو: پر انهيءَ ۾ ماڻهو ٿورا هئا ۽ گهر جڙيل نہ هئا.


جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


ڇو جو هن تنهنجي دروازن جون تاڙيون مضبوط ڪيون آهن، ۽ تو منجهہ تنهنجي اولاد کي برڪت ڏني اٿس.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ