Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 7:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن ڀتيون ٺهي راس ٿي ويون ۽ مون منجھن دروازا لڳرايا ۽ هيڪل ۾ دربان، ڳائڻا ۽ ٻيا لاوي مقرر ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 7:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.


۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.


هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.


هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد.


۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا.


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طوبياہ، ۽ جشم عربي، ۽ ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀت جوڙائي آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي؛ (جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تائين مون درن ۾ طاق نہ وڌا هئا)


انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.


هنن منهنجي اڳيان سندس چڱن ڪمن جو بہ ذڪر ڪيو هو، ۽ منهنجون ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا، ۽ طوبياہ منهنجي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ