Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهي سڀيئي ڄاڻي‌واڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين مضبوط ٿيو، ۽ پنهنجن هٿن کي ڍرو ٿيڻ نہ ڏيو: ڇالاءِ جو اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ملندو.


۽ جيڪي يروشلم جا ماڻهو ڀت تي هئا، تن سان هنن وڏي سڏ يهودين جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ڊيڄارين ۽ تڪيلف رسائين، تہ اهو شهر وٺن.


۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.


اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو.


جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.


جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس.


اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي.


اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي: مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.


هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.


پر هن مون کي چيو تہ منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي قدرت ڪمزورين ۾ ڪامل ٿي ٿئي. تنهنڪري ڏاڍيءَ خوشيءَ سان آئون پنهنجين ڪمزورين تي فخر ٿو ڪريان، تہ مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.


تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو،


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ