Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:7 - Sindhi Bible

7 ۽ تو نبي بہ مقرر ڪيا آهن، تہ تنهنجي نسبت ۾ يروشلم ۾ منادي ڪن، ۽ چون تہ يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ آهي: ۽ هاڻي انهن ڳالهين موجب بادشاهہ کي خبر ڏني ويندي. تنهنڪري هاڻي اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ تو پنهنجا نبي بہ مقرر ڪيا آهن تہ جيئن تنهنجي باري ۾ يروشلم ۾ اهڙو اعلان ڪن تہ ’يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ بڻيو آهي.‘ هاڻي اهو اطلاع شهنشاهہ تائين بہ پهچندو، تنهنڪري اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ڏس، ادونياہ بادشاهي پيو ڪري؛ ۽ منهنجا سائين بادشاهہ، توکي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي:


ڇالاءِ جو هو اڄ هيٺ لهي ويو آهي، ۽ گهڻيئي ڏاند، ۽ پاليل پهرو، ۽ رڍون ڪُٺيون اٿس، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن، ۽ لشڪر جي سردارن، ۽ ابياتر ڪاهن کي سڏيو اٿس: ۽ ڏس، هو سندس اڳيان کائين ۽ پيئن ٿا، ۽ چون ٿا تہ خدا شل بادشاهہ ادونياہ کي سلامت رکي.


۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.


انهيءَ ۾ لکيل هو تہ قومن ۾ افواهہ آهي، ۽ جشم چوي ٿو تہ تون ۽ يهودي فساد ڪرڻ وارا آهيو؛ انهيءَ ڪري اوهين ڀت ٿا جوڙايو: ۽ انهيءَ افواهہ موجب تون انهن جو بادشاهہ ٿيڻ ٿو گهرين.


تڏهن مون هن کي چوائي موڪليو تہ جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪوبہ سچ ڪونهي، بلڪ اهي تون پنهنجيءَ دل مان ٿو ٺاهين.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ