Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:6 - Sindhi Bible

6 انهيءَ ۾ لکيل هو تہ قومن ۾ افواهہ آهي، ۽ جشم چوي ٿو تہ تون ۽ يهودي فساد ڪرڻ وارا آهيو؛ انهيءَ ڪري اوهين ڀت ٿا جوڙايو: ۽ انهيءَ افواهہ موجب تون انهن جو بادشاهہ ٿيڻ ٿو گهرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جنهن ۾ لکيل هو تہ ”جشم چوي ٿو تہ قومن ۾ اها ڳالهہ پڌري ٿي ويئي آهي تہ تون ۽ يهودي ماڻهو بغاوت ڪرڻ وارا آهيو، انهيءَ ڪري ئي تون ڀتيون ٿو تعمير ڪرائين. انهيءَ کان سواءِ اهي بہ اطلاع آهن تہ تون بادشاهہ بڻجڻ وارو آهين

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.


انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


هو انهيءَ لاءِ ڀاڙي ڪيو ويو هو، تہ آءٌ ڊڄان، ۽ ائين ڪريان، ۽ گناهہ ڪريان، تہ هنن کي بدنامي ڪرڻ جو وجهہ ملي، ۽ هو مون کي طعنا هڻن.


تڏهن سنبلط پنهنجو نوڪر ساڳيءَ طرح پنجون ڀيرو بہ مون وٽ موڪليو، ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ هڪڙو کليل خط هو؛


۽ تو نبي بہ مقرر ڪيا آهن، تہ تنهنجي نسبت ۾ يروشلم ۾ منادي ڪن، ۽ چون تہ يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ آهي: ۽ هاڻي انهن ڳالهين موجب بادشاهہ کي خبر ڏني ويندي. تنهنڪري هاڻي اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون.


ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.


مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.


۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.


پوءِ جڏهن پلاطس اهي حرف ٻُڌا، تڏهن يسوع کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ اُهو هنڌ جنهن کي عبرانيءَ ۾ گبتا چبوترو ٿا چون، اُتي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.


(۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.


عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ