4 ۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.
4 هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.
۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟
تڏهن سنبلط پنهنجو نوڪر ساڳيءَ طرح پنجون ڀيرو بہ مون وٽ موڪليو، ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ هڪڙو کليل خط هو؛
ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.
ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي.
تہ بہ هيءَ زال مون کي ستائي ٿي، تنهنڪري آئون سندس انصاف ڪندس، تہ متان بار بار اچي منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏي.
تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.
اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي.
۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو.
تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تنهنجو زور ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، ۽ ڪهڙي طرح توکي ٻڌي ايذاءُ رسائي ٿو سگهجي.