Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:3 - Sindhi Bible

3 ۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو مون هنن کي قاصدن جي هٿان هيئن چوائي موڪليو تہ ”آءٌ هڪڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيان. تنهنڪري اچي نہ ٿو سگھان. جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تہ ڪم رڪجي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ ڀت جي پٺيان پيل وٿيءَ جي تمام هيٺانهن ڀاڱن تي، کليل جاين تي، ماڻهن کي ترارن ۽ نيزن ۽ ڪمانن سان سندن قبيلن موجب ويهاري ويس.


تڏهن سنبلط، ۽ جشم، مون کي چوائي موڪليو تہ اچ تہ اونو جي ميدان ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ گڏجون. پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.


۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.


ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


۽ چون تہ هن شخص اڏڻ شروع ڪيو، پر پورو ڪري ڪين سگهيو.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ