Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن اسان جي آس‌پاس رهندڙ سڀني دشمن قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پيا ۽ همت هاري ويٺا، ڇاڪاڻ تہ هنن سمجھيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جي مدد سان ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀت پيا جوڙيون، تڏهن هو ڪاوڙيو، ۽ ڏاڍي چڙ ڏيکاريائين، ۽ يهودين تي ٺٺوليون ڪيائين،


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طبياہ، ۽ عربن، ۽ عمونين، ۽ اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت جو ڪم وڌندو ٿو وڃي، ۽ جيڪي حصا انهيءَ ۾ ڀڳل هئا سي بند ٿي ٺهي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا؛


تنهن کانسواءِ انهن ڏينهن ۾، يهوداہ جي اميرن گهڻا ئي خط طوبياہ وٽ موڪليا هئا، ۽ طوبياہ جا خط انهن وٽ آيا هئا.


تہ انهن کي خبر پوي تہ اهو تنهنجو هٿ آهي؛ ۽ تو اي خداوند ائين ڪيو آهي.


تنهن مهل اسان جو وات کل خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ اسان جي زبان گيت ڳائڻ لڳي: تڏهن اهي ڌارين قومن ۾ چوڻ لڳا تہ خداوند هن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن.


جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.


خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون.


يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!


هاڻي آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هنن ماڻهن کان پاسو ڪريو ۽ ڇڏي ڏيون: ڇالاءِ تہ جي هيءَ تجويز ۽ هيءُ ڪم ماڻهن جو هوندو تہ پاڻهي برباد ٿي ويندو.


۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.


۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ