۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.
هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.