Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:11 - Sindhi Bible

11 ۽ مون چيو تہ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ڀڄڻ گهرجي؟ ۽ ٻيو ڪير آهي جو مون جهڙو هجي، ۽ پنهنجو ساهہ بچائڻ لاءِ هيڪل ۾ وڃڻ گهري؟ آءٌ انهيءَ ۾ ڪين ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر مون کيس چيو تہ ”ڇا مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڀڄڻ گھرجي يا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيڪل اندر لڪڻ گھرجي؟ آءٌ نہ ڀڄندس، نڪي لڪندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون معلوم ڪيو ۽ ڏس، خدا هن کي نہ موڪليو هو: پر هن هيءَ پيشنگوئي منهنجي برخلاف ڪئي هئي: ۽ طوبياہ ۽ سنبلط هن کي ڀاڙي ڪيو هو.


۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟


ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.


هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو؛ ڇو جو راستباز جي يادگيري هميشہ تائين رهندي.


هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


مئل مکيون عطار جي سرهي تيل کي بہ اهڙو ڪيو ڇڏين جو انهي مان بدبوءِ پيئي اچي: انهي طرح ٿوري ئي بي عقلي ڏاهپ ۽ عزت کي بي قدر ڪيو ڇڏي.


۽ هو ان جي ٻيلي جو ۽ ان جي اُپت واري ٻنيءَ جو فخر، روح توڙي جسم، ٻئي فنا ڪري ڇڏيندو: ۽ انهيءَ جو حال اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو علم بردار ساڻو ٿي ڪري پوي.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ