Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:10 - Sindhi Bible

10 پوءِ آءٌ سمعياہ بن دلاياہ بن مهيطبيل جي گهر ويس، جو بند پيو هو؛ ۽ هن چيو تہ اچو تہ هيڪل ۾ يعني تہ خدا جي گهر ۾ گڏ ٿيون، ۽ هيڪل جا در بند ڪري ڇڏيون: ڇالاءِ جو هو توکي ڪُهڻ ايندا؛ هائو؛ رات جو هو توکي ڪُهڻ لاءِ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ هڪ ڏينهن آءٌ سمعياہ ولد دلاياہ ولد مهيطبيل جي گھر ويس جيڪو گھر ۾ نظربند هو. هن مون کي چيو تہ ”اچ تہ خدا جي گھر ۾ گڏ ٿي هيڪل جا دروازا بند ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تو کي قتل ڪرڻ ٿا گھرن. هائو، رات جو هو تو کي قتل ڪرڻ لاءِ ايندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عڪبور جي پٽ بعل حنان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي حدر بادشاهي ڪئي، هن جي شهر جو نالو پاعو هو، ۽ سندس زال جو نالو مهيطب ايل هو، جا ميضاهاب جي ڌيءَ ۽ مطرد جي پوٽي هئي.


۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون:


۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


ڇالاءِ جو اخي آب جو سارو گهراڻو ناس ٿيندو: ۽ آءٌ اخي آب کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ کي بہ جو غلام آهي، ۽ جو اسرائيل ۾ آزاد ڇڏيل آهي.


۽ آخز خدا جي گهر جا سڀ ٿانوَ گڏ ڪيا ۽ خدا جي گهر جي ٿانوَن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين، ۽ خداوند جي گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيائين؛ ۽ يروشلم جي سڀني ڪنڊن ۾ پنهنجي لاءِ قربانگاهون جوڙيائين.


پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرين سال جي پهرين مهيني ۾ هن خداوند جي گهر جا در کولايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.


۽ دالان جا در بہ بند ڪيا اٿن ۽ ڏيئا اُجهايا اٿن ۽ لوبان نہ ساڙيا اٿن، نڪي پاڪ جاءِ ۾ اسرائيل جي خدا لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون اٿن.


۽ حارام جي پٽن مان؛ اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون؛


تڏهن مون اليعزر ۽ اريئيل ۽ سمعياہ، ۽ الناتن، ۽ يريب، ۽ الناتن، ۽ ناتن، ۽ زڪرياہ، ۽ مسلام کي گهرايو، جي رئيس هئا؛ ۽ يريب ۽ الناتن کي بہ، جي استاد هئا.


۽ مون معلوم ڪيو ۽ ڏس، خدا هن کي نہ موڪليو هو: پر هن هيءَ پيشنگوئي منهنجي برخلاف ڪئي هئي: ۽ طوبياہ ۽ سنبلط هن کي ڀاڙي ڪيو هو.


انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.


بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي.


بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو.


۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان:


تڏهن روح مون ۾ گهڙي آيو، ۽ مون کي اُٿاري پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ هن مون سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏ.


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.


ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.


تڏهن ساري شهر ۾ گوڙ مچي ويو، ۽ ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيا، ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيا: ۽ هڪدم در بند ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ