Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 6:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طوبياہ، ۽ جشم عربي، ۽ ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀت جوڙائي آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي؛ (جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تائين مون درن ۾ طاق نہ وڌا هئا)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سنبلط، طوبياہ، جشم عربي ۽ اسان جي ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀتيون نئين سر تعمير ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ انهن جو ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي، حالانڪ ان وقت تائين مون اڃا دروازن ۾ طاق نہ وجھرايا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 6:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي هن کان اڳي، الياسب ڪاهن، جو خدا جي گهر جي ڪوٺين تي مقرر هو، تنهن طوبياہ جو مائٽ هئڻ ڪري،


۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


تڏهن الياسب سردار ڪاهن پنهنجي ڀائرن ڪاهنن سميت اُٿيو، ۽ انهن رڍن وارو دروازو جوڙيو؛ ۽ هنن انهيءَ کي پاڪ ڪيو، ۽ انهيءَ جا در کڙا ڪيائون؛ همياہ جي ٺلهہ، بلڪ حنن ايل جي ٺلهہ تائين انهيءَ کي پاڪ ڪيائون.


۽ مڇيءَ وارو دروازو، هسناہ جي پٽن جوڙيو؛ هنن انهيءَ تي ڪامون رکيون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائون.


۽ پراڻي دروازي جي مرمت يهويدع بن فاسيخہ، ۽ مسلام بن بسودياہ ڪئي، انهيءَ تي ڪامون رکيائون، ۽ انهيءَ جا طاق کڙا ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ تاڙيون ۽ گز وڌائون.


پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀت پيا جوڙيون، تڏهن هو ڪاوڙيو، ۽ ڏاڍي چڙ ڏيکاريائين، ۽ يهودين تي ٺٺوليون ڪيائين،


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا،


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ