Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:8 - Sindhi Bible

8 ۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون هي بہ چيو تہ جيڪو ڪم اوهين ڪريو ٿا، سو چڱو نہ آهي: اوهان کي اسان جي خدا جي ڊپ ۾ هلڻ نہ گهرجي ڇا: ڇالاءِ اسان جا دشمن، غير قومون اسان کي طعنو ٿا ڏين؟


رئيسن جو آواز بند ٿي ويندو هو، ۽ انهن جي زبان سندن تارونءَ کي چنبڙي پوندي هئي.


هو حيران ٿي ويا آهن، هو وڌيڪ ڪو جواب نٿا ڏين: هنن کي ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ ڪونهي.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي چورائي وڃي وڪڻي، يا اهو وٽانئس لڀي پوي، تہ اهو ضرور ماريو وڃي.


۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.


۽ هڪڙي کي هن پنج قنطار ڏنا، ٻئي کي ٻہ، ۽ ٽئين کي هڪڙو: هرهڪ کي سندس لياقت آهر: پوءِ پاڻ مسافريءَ تي ويو.


ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ٻيو بہ ڏيو، ۽ انهي وٽ ججهو ئي گڏ ٿيندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي وٽس آهي سو بہ کسي وٺبو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


ائين تنهنجي علم جي ڪري اهو جو ايمان ۾ ڪمزور آهي سو برباد ٿو ٿئي، يعني اُهو ڀاءُ، جنهن جي لاءِ مسيح مُئو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ