Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ اميرن ۽ حاڪمن سان بحث هلايم، ۽ چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کان وياج ٿو وٺي، ۽ مون انهن جي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هم‌وطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل انهي جو قرض خواہ سندس سمورو مال ڦري وٺي؛ ۽ ڌاريا ماڻهو سندس ڪمائي لٽين.


اي خداوند، ڪير تنهنجي خيمي ۾ ٽڪندو؟ ڪير تنهنجي پاڪ جبل تي رهندو؟


جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


جڏهن تو فرمايو تہ منهنجي ديدار جا طالب ٿيو؛ تڏهن منهنجيءَ دل توکي چيو تہ اي خداوند، آءٌ تنهنجي ديدار جو طالب رهندس.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟


۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا.


منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج.


لڪل محبت کان ظاهر ظهور ملامت بهتر آهي.


جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا.


تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


تون انهيءَ کان وياج يا نفعو نہ وٺج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: تہ ڀلي تنهنجو ڀاءُ تو سان گڏ رهندو اچي.


۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو.


جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.


تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ