6 ۽ جڏهن مون اُنهن جو فرياد ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن آءٌ ڏاڍو ڪاوڙيس.
6 سو جڏهن مون انهن جي واءِويلا ۽ اهي شڪايتون ٻڌيون، تڏهن مون کي ڏاڍو رنج پهتو.
۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.
۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو رنج ٿيس: ۽ طوبياہ جو جيڪو گهرو سامان هو، سو ڪوٺيءَ مان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيم.
تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ اميرن ۽ حاڪمن سان بحث هلايم، ۽ چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کان وياج ٿو وٺي، ۽ مون انهن جي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.
جيڪي بدڪار تنهنجيءَ شريعت کان ڦري ٿا وڃن، تن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.
۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.
تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.
تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.
ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو: