Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:5 - Sindhi Bible

5 انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.


اچو تہ هن کي اسماعيلين جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ وڌيڪ هٿ نہ لايونس؛ ڇالاءِ جو هو اسان جو ڀاءُ ۽ اسان جو رت آهي. سندس ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.


هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟


پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ