Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن چيو تہ اسين ۽ اسان جا پٽ، ۽ اسان جون ڌيئرون، پاڻ ۾ گهڻا ماڻهو آهيون: اچو تہ اَن هٿ ڪريون تہ کائون ۽ جيئرا رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪن چيو پئي تہ ”اسين، اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون پاڻ ۾ گھڻا ئي آهيون، سو پنهنجي کائڻ ۽ جيئري رهڻ واسطي اسان کي اناج ملڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.


۽ چيائين تہ ڏسو، مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اَن آهي: اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو؛ تہ اسان جي جان بچي، ۽ مري نہ وڃون.


پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ اسرائيل کي چيو تہ ڇوڪر کي مون سان گڏ موڪل تہ اسين وڃون؛ تہ اسين ۽ تون، ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار جيئرا رهون، ۽ مري نہ وڃون.


اسين توڙي اسان جي زمين تنهنجي هوندي ڇو برباد ٿيون؟ اسان کي ۽ اسان جيءَ زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر: اسين پنهنجيءَ زمين سوڌو فرعون جا ٻانها ٿينداسين: اسان کي ٻج ڏي تہ اسين جيئرا رهون ۽ مري نہ وڃون، ۽ اسان جي زمين بہ ويران نہ ٿئي.


هاڻي نبين جي پٽن جي زالن مان ڪنهن هڪڙيءَ زال اليشع کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي: ۽ توکي خبر آهي تہ تنهنجو ٻانهو خدا ترس ماڻهو هو: ۽ قرض خواہ آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجا ٻہ پٽ پنهنجا غلام ڪري.


ڪي اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ اسين پنهنجون ٻنيون ۽ پنهنجا ڊاک جا منهہ ۽ پنهنجا گهر گروي ٿا رکون: ڏڪار جي ڪري اسان کي اَن موجود ڪرڻ کپي.


اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


تون پنهنجي ڀاءُ کي وياج تي قرض نہ ڏج؛ پئسن جو وياج، يا کاڌي جي شين جو وياج، يا ٻيءَ ڪنهن بہ شيءِ جو وياج نہ وٺج:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ