نحمياہ 5:13 - Sindhi Bible13 ۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |