Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 5:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هنن چيو تہ ”اسين اهي موٽائي ڏينداسين. اسين هنن کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ گھرنداسين. جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“ پوءِ مون ڪاهنن کي گھرايو ۽ اميرن ۽ اڳواڻن کان قسم کڻايم تہ هنن جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 5:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سڄي جماعت وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ جيئن تو اسان جي نسبت ۾ چيو آهي، تيئن ئي اسين ڪنداسين.


تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.


اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


۽ اسين هن ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجون ڌيئون نہ ڏينداسين، ۽ نہ هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ وٺنداسين:


۽ جيڪڏهن هن ملڪ جون قومون، ڪي بہ شيون، يا ڪي بہ طعام، سبت جي ڏينهن وڪڻڻ ايندا، تہ اسين سبت جي ڏينهن يا ٻئي ڪنهن سڳوري ڏينهن اُهي خريد نہ ڪنداسين: ۽ اسين ستون سال، ۽ سڀ قرض جي ڪوشش، ڇڏي ڏينداسين.


۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


ڀلائي ڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين هنن کي سندن ٻنيون، ڊاک جا منهہ، زيتونن جا باغ، ۽ گهر، موٽائي ڏيو، ۽ پئسن، ۽ اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو ستون حصو، جو هنن کان اُڳاڙيو ٿا، سو بہ موٽائي ڏيو.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ