ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.
بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛
۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.