8 ۽ هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي تہ اچي يروشلم سان وڙهن، ۽ ان ۾ گڙٻڙ وجهن.
8 هنن سڀني گڏجي سازش تيار ڪئي تہ ”اچو تہ يروشلم وارن سان وڙهون ۽ شهر ۾ وڳوڙ وجھون.“
چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.
مضبوط ٿيو ۽ همت جهليو، اسور جي بادشاهہ ڪري ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو، نڪي جيڪو وڏو ميڙ انهيءَ سان آهي، تنهن کان ڊڄو: ڇالاءِ جو جيڪو اسان سان آهي سو جيڪي هنن سان آهن تن کان وڏو آهي.
۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ:
پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طبياہ، ۽ عربن، ۽ عمونين، ۽ اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت جو ڪم وڌندو ٿو وڃي، ۽ جيڪي حصا انهيءَ ۾ ڀڳل هئا سي بند ٿي ٺهي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا؛
ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.
تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.
تڏهن مون اوهان کي چيو، تہ ڊڄو نہ، نڪي انهن جو ڊپ ڪريو.