Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:20 - Sindhi Bible

20 جنهن بہ هنڌ اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو، تہ اسان وٽ اچي گڏ ٿجو؛ اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهنڪري جنهن هنڌان اوهين نفيل جو آواز ٻڌو اتان اسان وٽ اچي گڏ ٿيو. اسان جو خدا اسان جي پاران جنگ ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪج: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ توکي مدد ڏيندس.


۽ مون اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ٻين ماڻهن کي چيو تہ ڪم وڏو ۽ گهڻو آهي، ۽ اسين ڀت تي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيو بيٺا آهيون:


انهيءَ طرح اسان ڪم پئي ڪيو: ۽ انهن مان اڌ جيترا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي تارن نڪرڻ تائين نيزا کنيو بيٺا هئا.


خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو.


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


اوهين انهن کان متان ڊڄو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي پٺيان پيئي هڪالي ڪڍندو؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي جو اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان انجام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ