Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن جا هٿ ضعيف ڪيا، ۽ انهن کي گهر جوڙڻ ۾ تڪليف ڏيڻ لڳا،


۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين.


۽ انهيءَ ڏينهن هنن وڏيون قربانيون چاڙهيون، ۽ خوشيون ڪيون، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وڏي خوشي ڪرائي هئي؛ ۽ زالن ۽ ٻارن بہ خوشي ڪئي: جنهنڪري يروشلم جي خوشيءَ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


۽ يهوداہ چيو تہ بار کڻڻ وارن جو زور گهٽجي ويو آهي، ۽ گهڻو ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي، جنهنڪري اسين ڀت جوڙي نٿا سگهون.


انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.


انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


پر خدا جهان جي بيوَقوفن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ڏاها آهن، تن کي شرمندو ڪري؛ ۽ خدا جهان جي ڪمزورن کي چونڊيو تہ زور وارن کي شرمندو ڪري؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ