Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي يهودي سندن ويجهو رهندا هئا سي جڏهن آيا، تڏهن هنن سڀني جاين تان ڏهہ ڀيرا اسان کي چيو تہ اوهين ضرور موٽي اسان وٽ اچجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر جيڪي يهودي انهن جي آس‌پاس رهندا هئا، سي وقت بوقت اچي اسان کي ٻڌائيندا رهيا تہ ”اوهان جا دشمن اوهان تي حملي ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح مون تنهنجي گهر ۾ ويهہ ورهيہ گذاريا آهن. مون چوڏهن ورهيہ تنهنجين ڌيئرن جي لاءِ، ۽ ڇهہ ورهيہ تنهنجي مال جي لاءِ تو وٽ پورهيو ڪيو: ۽ تو منهنجو اُجورو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.


پر اوهان جي پيءُ مون سان ٺڳي ڪري، ڏهہ ڀيرا منهنجو اُجورو بدلايو آهي، پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.


۽ اسانجن دشمنن چيو تہ جيستائين اسين لنگهي سندن وچ ۾ نہ وينداسين، ۽ کين نہ ڪُهنداسين، ۽ ڪم بند نہ ڪنداسين، تيستائين هو نہ ڄاڻندا، ۽ نہ ڏسندا.


تنهنڪري آءٌ ڀت جي پٺيان پيل وٿيءَ جي تمام هيٺانهن ڀاڱن تي، کليل جاين تي، ماڻهن کي ترارن ۽ نيزن ۽ ڪمانن سان سندن قبيلن موجب ويهاري ويس.


هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ