Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:11 - Sindhi Bible

11 ۽ اسانجن دشمنن چيو تہ جيستائين اسين لنگهي سندن وچ ۾ نہ وينداسين، ۽ کين نہ ڪُهنداسين، ۽ ڪم بند نہ ڪنداسين، تيستائين هو نہ ڄاڻندا، ۽ نہ ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اسان جا دشمن پڻ چوندا رهيا تہ ”انهيءَ کان اڳ جو هنن کي ڪا خبر پئجي وڃي ۽ ڄاڻي وٺن، اسين منجھن پهچي وينداسين ۽ کين ماري ڇڏينداسين. اهڙيءَ طرح سندن ڪم رڪجي ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس:


۽ يهوداہ چيو تہ بار کڻڻ وارن جو زور گهٽجي ويو آهي، ۽ گهڻو ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي، جنهنڪري اسين ڀت جوڙي نٿا سگهون.


۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي يهودي سندن ويجهو رهندا هئا سي جڏهن آيا، تڏهن هنن سڀني جاين تان ڏهہ ڀيرا اسان کي چيو تہ اوهين ضرور موٽي اسان وٽ اچجو.


پر اسان پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي ڪري، ڏينهن رات هنن جي سامهون پهرو بيهاريوسين.


اهي گڏجي لڪي ٿا ويهن، ۽ منهنجا پير پيا جاچين، ڄڻ تہ منهنجو ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.


تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.


پر تون سندن ڳالهہ نہ مڃج؛ ڇالاءِ جو منجهانئن چاليهن کان بہ گهڻا ماڻهو لڪا ويٺا آهن، جن لعنت وجهي قسم کنيو آهي تہ جيسين هن کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين؛ ۽ هاڻ هو سنبريو ويٺا آهن ۽ رڳو تنهنجي انجام جي واٽ پيا ڏسن.


ڇالاءِ جو اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند جو ڏينهن ائين ايندو جيئن رات جو ڪو چور اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ