Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 4:1 - Sindhi Bible

1 پر هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀت پيا جوڙيون، تڏهن هو ڪاوڙيو، ۽ ڏاڍي چڙ ڏيکاريائين، ۽ يهودين تي ٺٺوليون ڪيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن سنبلط ٻڌو تہ اسين ڀتين جي نئين سر تعمير ٿا ڪريون، تڏهن هو تپي باهہ ٿي ويو ۽ اسان يهودين تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 4:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو.


۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي.


۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج کڻي هن جي مٿي تي رکيائون، ۽ هڪڙي ڇڙهي ساڄي هٿ ۾ ڏنائونس، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي مسخري ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام، اي يهودين جا بادشاهہ.


پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ