Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




نحمياہ 2:5 - Sindhi Bible

5 ۽ بادشاهہ کي چيم تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي، ۽ جي تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، تہ تون مون کي يهوداہ ۾ موڪلي ڏي، تہ جنهن شهر ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، انهيءَ کي وڃي اڏايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ۽ بادشاهہ کي وراڻيم تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ۽ جيڪڏهن پنهنجي هِن ٻانهي تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي موڪل ڏيو تہ آءٌ يهوداہ جي ان شهر ڏانهن وڃان جتي منهنجا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن تہ جيئن آءٌ اهو وري تعمير ڪرائي سگھان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




نحمياہ 2:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.


تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو (انهيءَ مهل ملڪہ بہ سندس ڀرسان ويٺي هئي) تہ تنهنجي مسافري ڪيترو وقت هلندي؟ ۽ تون ڪڏهن موٽندين؟ پوءِ بادشاهہ راضي ٿيو، ۽ مون کي موڪل ڏنائين؛ ۽ مون هن کي وقت مقرر ڪري ٻڌايو.


جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.


تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.


تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي:


۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:


ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن.


تڏهن هن چيو، تہ منهنجا سائين، ڀلي تہ تنهنجي نظر ۾ مون کي مان ملي، ڇالاءِ جو تو مون کي تسلي ڏني آهي، ۽ تو پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهايو آهي، جيتوڻيڪ آءٌ تنهنجن ٻانهين مان هڪڙيءَ جو مٽ نہ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ